ڪراچي – 12 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ۽ اير??ن جي صدر سيد ابراهيم رئيسي جو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني، صدر آصف علي زرداري دمشق ۾ ايراني سفارتخاني تي اسرائيلي حملي تي ايراني قيادت ۽ سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪي??. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر غزه ۾ انساني بحران ۽ اسرائيلي فوج پاران نسل ڪشيءَ تي ڳڻتي جو اظه??ر ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪي??. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ايران سان گڏ ڪم جاري رکندو. صدر ٻنهي ملڪن کي ??رپ??ش سيڪيورٽي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ معلومات جي مٽاسٽا کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر آصف علي زرداري ايراني صدر کي ٻيهر پاڪست??ن جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. هن ايراني صدر ۽ سندس گهرڀاتين جي صحت، تندرستي ۽ خوشين جي لاءِ پڻ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪي??.