اسلام آباد – 08 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد ش??باز شريف سان ازبڪستان جي پرڏيهي وزير بختيار سيدوف ملاقات ڪئي جنهن ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزارت عظميٰ جي عهدي تي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي ازبڪ پرڏيهي وزير ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف پار??ن وزيراعظم محمد ش??با?? ش??يف کي ازبڪستان جي دوري جي دعوت ڏني. وزيراعظم ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو ساڻس ملاقات جو منتظر آهي. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپار، معيشت، سيڪيورٽي، دفاع، سماجي رابطن ۽ ٻين شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جي اهميت تي پڻ خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم محمد ش??باز شريف ازبڪستان سان ٻطرفي واپار ۽ ٻين منصوبن کي تيزي سان مڪمل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو. هن ازبڪستان کي پاڪستاني بندرگاهن تائين پهچ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل مشاورت سان هڪ موثر حڪمت عملي جو??ڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي منصوبي جي اهميت تي روشني وجهندي ان جي جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.