شينزن – 05 – جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان جا سمورا معاشي انگ اکر مثبت رخ طرف گامزن آهن. پاڪستان ۾ مهانگائي جي ش??ح ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، حڪوم?? اقتصادي سڌارن جي ايجنڊا تي ڌيان ڏنو آهي، ??سا?? جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 9 ارب ڊالر کان وڌي چڪا آهن، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان وڌي وئي هئي جيڪا هاڻي گهٽ ٿي مئي ۾ 11 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. چين جي شهر شينزن ۾ پاڪ چين بزنس ڪانفرنس کي خطا?? ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاليسي فريم ورڪ ۽ پاليسين ۾ تسلسل حڪومت جو ڪم آهي، نجي ش??بو هاڻي ملڪ ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته بزنس ڪانفرنس کي چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي خطا?? ڪندي چيو ته بزنس فورم ٻنهي طرفن کان مختلف شعبن ۾ تعاون ۽ حصيداري جي لاءِ سنگ ميل ثابت ٿيندو. شينزن ترقي جون منزلون طئي ڪرڻ جي حوالي سان هڪ مثال آهي. هي بزنس ڪانفرنس ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي ش??بن ۾ تعاون جي فروغ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ٻنهي ملڪن مان 500 بزنس ليڊرن جي هتي ش??ڪت ان جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. ايگزيڪيوٽو وائيس ميئر شينزن ٿائو خطا?? ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شينزن اچڻ جي آجيان ڪندي چيو ته گڏيل بزنس فورم ڪاروباري ش??صيتن کي موثر پليٽ فارم مهيا ڪيو. ان کان ??ڳ ڪانفرنس جي ش??وع ٿيڻ تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا وڄايا ويا.