بيجنگ – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيني صدر شي جن پنگ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ، ??ي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف تاريخي گريٽ هال آف دي پيپل ۾ چيني صدر شي جن پنگ سان ڊگهي ۽ تفصيلي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن سان گڏ وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا. وزيراعظم چين ۾ سندس ۽ سندس وفد جي شاندار استقبال تي ??در شي جن پنگ جا ٿورا مڃيا. هن 2015ع ۾ صدر شي جن پنگ جي پاڪستان جي تاريخي دوري کي ياد ڪيو جنهن دوران چين پاڪستان اقتصادي لنگهه کي باضابطا طور تي فعال ڪيو ويو هو ۽ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪئي وئي هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود پائيدار حصيداري جي توثيق ڪئي ۽ ان کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ تي ??تفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن سياسي، سيڪيورٽي، اقتصادي، واپاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا سميت ٻين مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هن علائقائي ۽ عالمي معاملن بشمول افغانستان، فلسطين ۽ ڏکڻ ايشيا بشمول ڀارتي ??يرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي جي بنيادي دلچسپي جي معاملن تي پنهنجي پراڻي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. صدر شي جن پنگ جي ويزنري بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آءِ) ۽ گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو (جي ڊي آءِ) کي ساراهيندي وزيراعظم ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته بي آر آءِ جي فليگ شپ منصوبي جي طور تي چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (??ي پيڪ) پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ??ي پيڪ تحت جاري وڏن منصوبن جي وقت سر تڪميل تي ??تفاق راءِ جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ??ي پيڪ جي اپ گريڊيشن ۽ ٻئي مرحلي ۾ ??ي پيڪ تحت ترقياتي منصوبن کي اڳتي وڌائڻ تي ??تفاق ڪيو. وزيراعظم ??ي پيڪ تحت ٻنهي ملڪن جي ترقياتي ??ڪمت عملين جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن پاڪستان ۾ چيني شهرين، منصوبن ۽ ادارن جي حفاظت ۽ سلامتي ??ي لاءِ پاڪستان جي عزم ۽ مڪمل حمايت تي ??ور ڏنو. وزيراعظم صدر شي جن پنگ کي اقتصادي سڌارن ۽ پائيدار ترقي، صنعتي ??رقي، زرعي جديدڪاري ۽ علائقائي رابطن جي لاءِ پاڪستان جي پاليسين ۽ پاڪستان جي ترقي ۾ ??ي پيڪ جي اهم ڪردار بابت آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي ??ور ڏنو ته حڪومت جي عوام تي مرڪوز سماجي ۽ اقصادي ترقي جي ايجنڊا چين جي ”گڏيل خوشحالي“ جي تصور تي ٻڌل آهي. صدر شي جن پنگ وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻي جو پڻ اهتمام ڪيو، جتي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه جو هڪ ٻيو دور ٿيو. 2024ع ۾ عهدو سنڀالڻ کانپوءِ چين جي صدر سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اها پهرين ملاقات هئي. اها ملاقات ٻطرفي دوستي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي عڪاس هئي.