شي آن – 07 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي چين جي دوري جي ٽئين مرحلي ۾ شي آن پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب شي آن پهچڻ تي شانسي صو??ي جي نائب گورنر ڇَن ڇُن جيانگ ۽ اعليٰ چيني سفارتي عملي سميت اعل??ٰ پاڪستاني سفارتي اهلڪارن وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو شاندار استقبال ڪيو.
وزيراعظم پنهنجي شي ان جي دوري دوران شانسي صو??ي جي اعل??ٰ پارٽي قيادت سان ملاقات ڪندو. ان کانسواءِ جديد زراعت جي حوالي سان قائم اداري، يانگلنگ انسٽيٽيوٽ جو دورو ڪندو. وزيراعظم سان گڏ پاڪستاني وفد ۾ وفاقي وزير خواجه محمد آصف، احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، راڻا تنوير حسين ۽ ??رد??ر اويس خان لغاري شامل آهن.