اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته بج??ٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي عوام دوست بج??ٽ 25 – 2024ع جي منظوري تي پذيرائي ڪئي آهي. وزيراعظم سان ناڻي واري وفاقي وزير قومي ??سي??بلي ۾ بج??ٽ جي منظوري کانپوءِ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ناڻي واري وزارت، منصوبابندي واري وزارت، ايف بي آر ۽ سمورين لاڳاپيل وزارتن جي آفيسرن جي بج??ٽ جي تياري جي لاءِ ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته بج??ٽ اجلاس ۾ حڪومت، اتحادي ميمبرن ۽ مخالف ڌر سڀني ڀرپور حصو ورتو، اميد ڪريون ٿا ته بج??ٽ 25 – 2024ع پا??ست??ن جي لاءِ ترقي ۽ خوشحالي ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هن چيو ته پوري ڪوشش ڪئي ته موجوده وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيون، بج??ٽ ۾ پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدورن کي ريليف ڏنو، بج??ٽ ۾ صحت، تعليم، زراعت ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي تي خاص ڌيان ڏنو. هن چيو ته اشرافيه ۽ ٽيڪس نه ڏيندڙن کي ٽيڪس ۾ آڻيند??سي??، ائين ممڪن نه آهي ته غريب ٽيڪس ڏي ۽ اشرافيه کي ٽيڪس مراعتون ڏنيون وڃن. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن جي ترقي ۽ خوشحالي جو سفر شروع آهي، ا??حم??الله پا??ست??ن جي معيشت صحيح رخ طرف گامزن آهي. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين جي ڪري ملڪ ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، ترجيحي بنيادن تي ادارن ۾ سڌارن ۽ ملڪي خزاني کي نقصان پهچائيندڙ ادارن جي نجڪاري جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون.