اسلام آباد – 25 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته جنيوا ۾ انس??ني ح??ن جي ڪميٽي تازو ئي ڀارت جي چوٿين لڳاتار رپورٽ تي غور ڪيو. هو شهري ۽ سياسي ح??ن جي عالمي معاهدن جي شقن کي ڪهڙي طرح لاڳو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته ڪارروائي دوران پبلڪ سيفٽي ايڪٽ ۽ پبلڪ سيڪيورٽي ايڪٽ جهڙي سخت قانونن تحت گرفتارين ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ موبائيل انٽرنيٽ سروس جي ??سلسل معطلي بابت اهم سوال اٿاريا ويا. هن چيو ته اهو ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انس??ني ح??ن جي خراب صورتحال بابت عالمي انس??ني حقن جي ??شينري جي ??سلسل خدشن کي ظاهر ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته هو والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انس??ني ح??ن جي انهن خلاف ورزين جو نوٽيس وٺي ۽ ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جو خ??تمو ڪري.