اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي ??ي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن ج?? جمهوري خودمختياري جو حق ڏيڻ گهرج?? جنهن جو حق انهن کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چئي وئي.