اسلام آباد -05 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي سان آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چوڌري انوار الحق ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ امن امان جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. محسن نقوي ۽ انوار الحق ڪشمير جي يوم استحصال جي ڏهاڙي تي ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪشمير جي عوام سان يڪجهتي جو اظه??ر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع واري غيرقانوني قدمن جي سخت مذمت ڪئي. گهرو وزير جو چوڻ هو ته آزاد ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آه??، ڀارت گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ عالمي قانونن جي سرعام ڀڃڪڙي ڪندي آرٽيڪل 370 ۽ 35 (اي) جو خاتمو ڪري ڪشميرين جو بدترين استحصال ڪيو. گذريل پنجن سالن کان ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڪرفيو ۽ قلم 144 لاڳو آه??، 5 سالن ۾ هزارين بيگناهه ڪشميري شهيد ڪيا ويا آه?? جن ۾ معصوم ٻار، بزرگ ۽ عورتون شامل آه??. هن چيو ته اڄ پوري قوم پرعزم انداز ۾ يوم استحصال ڪشمير ملهائي رهي آه??. ڏکڻ ايشيا جو جٽادار امن ڄمون ڪشمير تڪرار جي حل سان جڙيل آه??. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم چيو ته 5 آگسٽ کي دنيا آڏو هندستان جو مڪروهه چهرو بي نقاب ٿيو. ڀارت جي غيرقانوني قب??ي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ عالمي تنظيمن سميت عالمي ميڊيا جي داخل ٿيڻ تي پڻ پابندي پيل آه??. وقت اچي ويو آه?? ته عالمي برادري، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جون تنظيمون ڄمون ڪشمير ۾ ٿيندڙ ناانصافين ۽ ظلم جو تدارڪ ڪن. گهرو وزير محسن نقوي آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير ۾ امن لاءِ اڳ ۾ به ڀرپور سهڪ??ر ڪيو هو. اڳتي به سهڪار جاري رکنداسين. آزاد ڪشمير جي سيڪيورٽي بابت ضرورتن کي پورو ڪيو ويندو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم امن لاءِ سهڪار تي گهرو وزير جو شڪريو ادا ڪيو.