اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ کي جمهوريت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چيو آهي، ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پارليامينٽ جي عز?? ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ تي حملي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور يا?? رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پارليامينٽ هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي حملو ڪيو ويو. اها جمهوريت خلاف سازش هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ملڪ جو ??عليٰ ترين ادارو، جمهوريت جو ??نياد ۽ عوامي خواهشن جو ??رجمان آهي. ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پارليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي عز??، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لازم آهي. هن چيو ته 19 آگسٽ 2014ع تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پارليامينٽ تي حملو ڪري ان جو ??قدس پائمال ڪيو، ڪنهن کي به اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو جمهوريت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي حملو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پارليامينٽ جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پارٽين جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو ۽ ان سبب چين جي صدر کي پنهنجو ??ئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اياز صادق چيو ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد ??ستو جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِپرعزم آهي.