اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي) گهرو معاملن وا??ي وفاقي وز??ر محسن نقوي بلوچستان جي علائقي موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردي جي بدترين واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي، ته دهشتگرد ۽ انهن جي سهولتڪارن کي عبرتناڪ انجام ت??ئي?? پڄايو ويندو. دهشتگردي جي جنگ ۾ سيڪيورٽي فورسز سان زندگي جي هر طبقي لازوال قربانيون ڏنيون آهن. ڪالهه پنهنجي بيان ۾ گهرو وز??ر محسن نقوي 23 مسافرن جي قتل جي واقعي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. گهرو وزير دهشتگردن جي بزدلاڻين ڪاررو??ئي?? ۾ مارجي ويلن جي وا??ثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته موسيٰ خيل ويجهو دهشتگردن معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي ڏاڍ جو مظاهرو ڪيو. سفاڪيت ۽ ظلم جي انتها ڪئي وئي. هن جو چوڻ هو ته حڪومت قتل ٿيل ماڻهن جي وا??ثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿي ۽ ڏکويل ڪٽنبن سان سندن غم ۾ برابر جي شريڪ آهي.