اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف عسڪري سطح تي مٽاسٽا ت?? اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب چين جي پيپلز لبريشن آرمي (پي ايل اي) جي هٿياربند فوج جي ڪمانڊر جنرل لي چيائو منگ وزيرا??ظم محمد شهباز شريف سان ??لاقات ڪئي. وزيرا??ظم پاڪستان اچڻ تي جنرل لي جي آجيان ڪئي. جنرل لي سان ڳالهائيندي وزيرا??ظم چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ ڏهاڪن تي ٻڌل اسٽريٽجڪ لاڳاپ?? آهن ۽ ٻئي ملڪ اعتماد جوڳا دوست آهن. وزيرا??ظم وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي پاڪستان ۾ وسيع عوامي، سياسي ۽ اداراجاتي حمايت حاصل آهي جيڪا ٻنهي ملڪن جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي. وزيرا??ظم عسڪري سطح تي مٽاسٽا ت?? اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ لازمي آهن. جنرل لي وزيرا??ظم سان ڳالهائيندي چيو ته چين مضبوط ڀاءُ، اسٽريٽجڪ پارٽنر ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان ??اڪستان سان ??نهنجي لاڳاپن کي سڀ کان ??ڌيڪ ترجيح ڏي ٿو. هن چين ۽ پاڪستان جي ٻطرفي دوست کي تعاون ۽ حصيداري جي نئين سطحن تائين وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. علائقائي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي ڪردار کي ساراهيندي جنرل لي ٻنهي هٿياربند فوج جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان سان ??نهنجي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پيپلز لبريشن آرمي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ڌرين پاڪ چين دوست جي مختلف رخن خاص طور تي ٻطرفي دفاعي ۽ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.