??سل??م آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار برطانيا جي سرڪاري دوري جي موقعي تي برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. اها ڳ??لهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چي?? ته نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جيڪو هن وقت سرڪاري دوري تي برطانيا ۾ آهي، برطانيا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هڪ ??ضب??ط پاڪستان – برطانيا حصيداري، وسيع ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي ڏس ۾ پاڪستان برطانيا تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چي?? ته نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن برطانيا جي نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات کانسواءِ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.