رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سيڙپڪاري، واپاري معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشن جا مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن، پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سعودي سيڙپڪاري واري و??ير انجنيئر خالد بن عبدالعزيز الفالح ۽ سعودي شاهي ديوان جي صلاحڪار محمد بن التويجري سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي ????ير خواجه محمد آصف، ناڻي وارو وفاقي ????ير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي ????ير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي ????ير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي ????ير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي ????ير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ مختلف اقتصادي قدمن تي ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. سعودي سيڙپڪاري واري و??ير جي 9 کان 11 آڪٽوبر تي نجي شعبي جي هڪ وڏي وفد گڏ پاڪستان جي تازي دوري جو ذڪر ڪندي وزيراعظم چيو ته دوري دوران پاڪستان ۾ صحيحون ڪيل مفاهمتي يادداشتن جي ٺوس سيڙپڪاري ۽ واپاري معاهدن جي شڪل ۾ مثبت نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن. وزيراعظم پاڪ – سعودي مضبوط اقتصادي حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ جي رفتار کي جاري رکڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان سان مضبوط اقتصادي تعاون جي ڪوششن ۽ عزم تي سعودي و??ير خالد الفالح جا ٿورا مڃيا. هن سعودي عرب جي ويزن 2030ع جي پس منظر ۾ ٻنهي ملڪن جي لاءِ موجود اقتصادي موقعن مان فائدو کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.