اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سان ٻطرفي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نائب وز??راعظم ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار جي وچ ۾ اها په??ين ملاقات هئي. نائب وز??راعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??ار??خي، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي روشني وڌي. نائب وز??راعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وز??ر محمد توحيد حسين پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڊ??ئي??اگ خاص طور تي واپار، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌ??ين مختلف گهڻ رخي فورمز تي وڌيڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.