اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي ??رداري پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران ترڪيه جي جمهوري ڏهاڙي تي ترڪ حڪومت ۽ عوام کي دلي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته ترڪيه س??ائين مسلمان امت جي اهم مسئلن تي آواز اٿاريو ??هي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ترڪيه جي 101هين جمهوري ڏهاڙي تي مبارڪباد جي پيغام ۾ چيو ته ترڪيه گذريل ه?? صديءَ ۾ مختلف شعبن ۾ مثالي ??رقي ڪئي آهي، اميد آهي ته ترڪيه صدر رجب طيب اردوان جي قيادت ۾ ترقي جون وڌيڪ منزلون طئي ڪندو. صدر چيو ته پاڪستان ترڪيه لاڳاپا گڏيل تاريخ، قدرن تي ٻڌل آهن. صدر آصف علي ??رداري چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه مشڪل وقت ۾ سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا ۽ پاڪ ترڪيه لاڳاپا وقت سان گڏ مضبوط ٿيندا پيا وڃن.