اسلام آباد – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان ترڪيه سان لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي عوام گهري ڀائراڻي رشتي ۾ ڳنڍيل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائب وزيراعظم قومي ڏينهن جي موقعي تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا آهن. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه هر مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي، دهشتگردي کي منهن ??يڻ ۾ پاڪستان ترڪيه سان گڏ بيٺل آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ترڪيه ۽ پاڪستان جي عوام مضبوط رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. هن ??يو ته 1923ع ۾ ڪمال اتاترڪ جديد ترڪيه جو بنياد رکيو، ترڪيه تباهي آڻيندڙ زلزلن ۽ ٻوڏن کانپوءِ ??اڪستان جي امداد ڪئي جنهن سان پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهري رشتي جي عڪاسي ٿئي ٿي. نائب وزيراعظم چيو ته ترڪيه ڪورونا جي وبا دوران ۽ عالمي فورمز تي پاڪستان جي سدائين حمايت ڪئي. هن ??يو ته ترڪيه پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ جي لاءِ ??ڻ ڀرپور تائيد ۽ حمايت ڪئي، پاڪستان سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبرشپ 2 سالن جي مدي لاءِ ??هرين جنوري 2025ع کان سنڀالي رهيو آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ دوستاڻن لاڳاپن ۾ مسلس?? اضافو ٿي رهيو آهي، پاڪستان ترڪيه کي دهشتگردي جي تدارڪ سميت سمورن اهم مسئلن تي حمايت ڪري ٿو. هن ??يو ته ترڪيه ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جي حق جي دنيا جي بي شمار فورمز تي سدائين حمايت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار فلسطينين سان غزه ۽ بيروت ۾ اسرائيل جي جاري وحشياڻي ظلمن تي دنيا جي ٻٽي معيار تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ جاري ظلمن کي روڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن ??يو ته پاڪستان فلسطيني ڀائرن جي لاءِ د??يا جي هر فورم تي آواز اٿاريندو رهندو. هن والاريل فلسطيني علائقن ۾ اسرائيل پاران جاري نسل ڪشيءَ بند ڪرائڻ جي لاءِ ??وري قدمن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪيه کي فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق جي حمايت ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل آزاد فلسطين جي قيام جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ترڪيه جي قومي ڏينهن جي موقعي تي منعقد تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪارن، پاڪستان ۾ رهندڙ ترڪيه جي شهرين، معززين ۽ سول ۽ فوجي آفيسرن پڻ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ تقريب جي شروعات پاڪستان ۽ ترڪيه جي قومي ترانن جي ڌُنن سان ٿي.