اسلام آباد – 04 ??? ن??مبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قومي اسيمبلي ميمبرن مبارڪ زيب ۽ اورنگزيب کچ?? پارليامينٽ هائوس ۾ جدا جدا ملاقات ڪئي، ٻنهي ميمبرن حڪومت جي پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻنهي ميمبرن حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما ?? اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.