اسلام آباد-13 نومبر (اي پي پي) ناڻي وارو وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب گڏيل قومن جي موسمي??تي تبديلي بابت فريم ورڪ جي ڌرين جي 29 ھين ڪانفرنس (ڪوپ 29 ) ۾ شرڪت لاءِ آذربائيجان جي گادي واري شھر باڪو روانو ٿي ويو آھي. ناڻي واري وزارت طرفان جاري بيان مطابق پنھنجي دوري دوران ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڪوپ 29 ھين ڪانفرنس دوران اعليٰ سطحي ويهڪن ۽ ??قر??بن ۾ شرڪت ڪندو. ان کا?? سواءِ ناڻي وارو وز??ر ڪانفرنس ۾ قائم پاڪستان پويلين ۾ منعقد ??قر??بن ۾ شرڪت ڪندو. سرحدي مارڪيٽن ۾ مقامي ماحولي??تي ڪارروائي ۽ بصيرت فنڊ جاري ڪرڻ جي موضوع تي منعقد ??قر??ب ۾ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير پاڪستان پويلين ۾ نيشنل ڪلائميٽ فنانس اسٽريٽجي جاري ڪندو. ناڻي وار وزير، منصوبا بندي واري وزارت جي انتظام ھيٺ ”ڪلائميٽ ريسپانسو پبلڪ انويسٽمينٽ“ جي موضوع تي منعقد ٿيندڙ پينل مباحثي پڻ شريڪ ٿيندو. ناڻي وارو وزير ڪاريڪ پارٽنرشپ فار ڪلائميٽ انوويشن اينڊ ٽريڊ جي موضوع تي اعليٰ سطحي ويهڪ ۾ پڻ شريڪ ٿيندو. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته ناڻي وارو وزير پنھنجي خطابن ۽ ڳالھين ۾ موسمي??تي تبديلين سبب پيدا ٿيل نقصان، موافقت، گهٽتائي ۽ لاڳو جي رخن تي ھاڪاري ۽ متوازن اڳڀرائي جي اھميت کي اجاگر ڪندو، ناڻي وارو وزير اسرندڙ ملڪن کي درپيش موسمي??تي مسئلن جي حل لاءِ اڳڪٿي ۽ توقع جي بنياد تي فنانسنگ جي ضرورت تي زور ڀريندو. ناڻي وارو وزير پنهنجي ??قر??رن ۾ موسيم??تي تبديلين جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي تاريخي ذميواري جو احساس ڏياريندو. برابري، حصيداري سان گڏوگڏ فرق تي ٻڌل احساس سان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي اصول جي اهميت واضح ڪئي ويندي، ترقي يافته ملڪن مان نقصان ڏيندڙ گئسن جي خارج ٿيڻ تي وڌيڪ گهٽتائي آڻڻ جو مطالبو ڪيو ويندو. وطن واپسي تي ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف وفد سان الوداعي گڏجاڻي ڪندو.