اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هو فلسطي??ي عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏينهن تي انصاف، آزادي ۽ وق??ر حاصل ڪرڻ جي لاءِ فلسطي??ي عوام جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ يڪجهتي ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان فلسطي??ي عوام جي خودمختياري جي حق ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل فلسطين ج?? هڪ آزاد رياست، جنهن ج?? گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي مضبوط حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان لبنان ۾ جنگبندي جي تازي معاهدي جي آجيان ڪري ٿو ۽ سمورين ڌرين کان گڏيل قومن ج?? سلامتي ڪائونسل جي قرارداد 1701 کي مڪمل طور تي برقرار رکڻ ۽ ان تي عملدرآمد ڪرڻ جو مطالبو ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسان لبنان ج?? خودمختياري، علائقائي سالميت ۽ استحڪام جي حمايت ڪريون ٿا. هن متاثر ??اڻهن ج?? لاءِ انساني امداد جي فوري ضرورت، بي گهر ماڻهن ج?? محفوظ واپسي ۽ تڪرارن کان متاثر علائقن ج?? نئين سر تعمير ۾ سهولت ??راهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. ترجمان چيو ته اسان سمجهون ٿا ته اها جنگبندي ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ خطي ۾ وسيع تر تڪرار کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اهم قدم آهي. پاڪستان کي اميد آهي ته جنگبندي جو معاهدو غزه جي پٽيءَ ۽ ٻين والاريل فلسطي??ي علائقن ۾ فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، غزه ۾ نسل ڪشيءَ جو خاتمو ۽ فلسطي??ي عوام جي لاءِ انساني امداد جو مرحلو طئي ڪندو.