اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”ون واٽر سمٽ“ ۾ شرڪت جي لاءِ 3 ۽ 4 ڊسمبر تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب سعودي عرب، فرانس، قازقستان ۽ عالم?? بئنڪ جي حصيداري سان منعقد سمٽ جو مقصد عالمي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ اعليٰ سطحي سياسي واعدن جي ذريعي پ??ڻي وسيلن جي انتظام جي لاءِ ٺوس عالمي موقف کي فروغ ڏيڻ آهي. بيان موجب وزيراعظم سربراهي اجلاس ۾ اه?? خطاب ڪندو جنهن ۾ تازي پ??ڻي جي وسيلن ۽ آبي زمينن جي ڏس ۾ بحالي، تحفظ ۽ موافقت ت?? ڌيان ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان پاران پ??ڻي جي تحفظ کي فروغ ڏيڻ، آبهوا ۾ تبديلي جي ??ثر?? کي برداشت ڪرڻ، پ??ڻي جي معيار کي بهتر بڻائن، روزگار جا ذريعا وڌائڻ ۽ حياتياتي جيوت جي تحفظ جي لاءِ کنيل قدمن تي پڻ روشني وجهندو. وزيراعظم موسمياتي تبديلين سبب ٻوڏن، غيرمعمولي ۽ انتهائي موسمي حالتن ۽ پ??ڻي وسيلن ۽ ماحولياتي نظام تي گرمي جي دٻاءُ جي ??ثر?? کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي تعاون جي اه??يت سان گڏوگڏ پ??ڻي وسيلن جي پائيدار انتظام جي لاءِ بامعنيٰ عالمي تعاون تي پڻ زور ڏيندو. سربراهي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون ۽ مصروفيتون متوقع آهن.