اسلام آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته قائداعظم محمدعلي جناح هڪ عظيم ليڊر ۽ وڏو ذهن رکندڙ هو، محمدعلي جناح پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سان ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي ??ڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري ڌار ملڪ لاءِ جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ- هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جي قيام کي عمل شڪ?? بخشي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مطابق قائداعظم محمدعلي جناح جي جنم ڏڻ جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيئرمين چيو ته پاڪستان جو قيام قائداعظم جي اڻٿڪ ڪاوشن جو نتيجو آهي، پوري قوم پاڪستان جي باني جي خدمتن کي خراجِ عقيدت پيش ڪري ٿي ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين احسانمند رهندي. قوم جي باني جي ڏور رس ۽ سياسي بصيرت قوم جي تقدير بدلائڻ لاءِ اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط جهڙا رهنما اصول واضح ڪيا، سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي باني جي تعليمات ۽ سندس فرمانن جي اهميت موجوده دؤر جي مسئلن کي آڏو رکندي وڏي اهميت اختيار ڪري ويا آهن پر مسئلن جو وڏو ڪارڻ اسان سندن تعليمات وِساري ڇڏي جنهن جي نشاندهي قائداعظم ڪئي هئي، اڄ اسان کي جيڪي ڏُکيائيون درپيش آهن انهن تي ضابطوآڻڻ لاءِ واحد رستو قانون ۽ آئين تي جيئن جو تيئن عمل ڪرڻ آهي، اسان کي ??اڪستان جي باني جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پنهنجي مستقبل کي روشن بڻائڻ لاءِ هر قسم جي اختلافن کي ??وئتي رکي امن، ترقي پس??دا??ي ۽ جمهوري روين کي ??ٿي وٺرائڻي پوندي. هن دُعا ڪئي ته الله ت??ال??ٰ اسان سڀني کي ??ائداعظم جي نقشِ قدم تي هلڻ ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا فرماءِ.