اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ٻطرفي م??نز ۾ پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري ۽ وز??رت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سفيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پنهنجي جائزي، ??يا??ن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ت?? پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي ت?? پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ٻطرفي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي پاليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي سفيرن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌائڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو ساليانو اجلاس پرڏيهي وز??رت ۾ ??ڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي م??تلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي ??يا??ن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي.