لاهور- 29 ڊسمبر (اي پي پي) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ خيبرپختونخوا حڪومت جي ڪارڪردگي تي وائيٽ پيپر جاري ڪندي چيو آهي ته ڪي پي ڪي صوبي ۾ عوامي مسئلن تي ڪنهن جو ڌيان ناهي، پي ٽي آءِ حڪومت صوبي ۾ ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. ماڊل ٽائون ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته عوامي مينڊيٽ تحت وفاق ۾ مخلوط حڪومت وجود ۾ آئي، سمورين سياسي پارٽين پنهنجي پنهنجي منشور تحت اليڪشن ۾ حصو ورتو، سياسي پارٽين پنهنجي منشور تحت عوام سان ڪجهه واعدا ڪيا هئا، پن??اب ۾ مسلم ليگ (ن)، خيبرپختونخوا ۾ تحريڪ انصاف، سنڌ ۽ بلوچس??ان ۾ پيپلزپارٽي کي پاڪستا?? جي عوام مينڊيٽ ڏنو، سياسي پارٽين عوام کي باور ڪرايو ته عوام جي مسئلن جو حل اسان وٽ آهي، هر سياسي پارٽي جي منشور ۾ عوام تي سڄو ڌيان هوندو آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت کي 11 سال ٿي چڪا آهن، خيبرپختونخوا ۾ مالياتي بدعنواني ۽ بي ضابطگين ۾ اضافو ٿ??و، ڪي پي ڪي ۾ 152 ارب روپين جون مالي بي ضابطگيون ٿيون، فرضي ڪمپنين کي اشتهار?? جي مد ۾ اربين روپيا جاري ڪيا ويا، صحت جي شعبي لاءِ مختص ٿيل فنڊن کي سياسي سرگرمين لاءِ استعمال ڪيو ويو. عطا الله تارڙ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري خزاني مان اربين روپيا سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا لاءِ ڏنا ويندا آهن ۽ سوشل ميڊيا کي ادائيگي فرضي ڪمپني?? جي نالي تي ڪئي ويندي آهي. هن چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جو مجموعي خسارو 725 ارب روپيا آهي جنهن ۾ 51 ڪروڙ روپي?? جي شڪي ادائيگي ٿي جڏهن ته قرض جو بار 75 ارب روپيا آهي، جيڪڏهن ان خساري کي نه منهن ڏنو ويو ته 2030ع تائين اهو خسارو 2555 ارب رپيا ٿي ويندو. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ گڊ گورننس ۽ مالياتي انتظام جي ضرورت آهي، اتي جي عوام محب وطن پاڪستاني آهي، پاڪستا?? جي محبت سان ٽمٽار ماڻهو آهن، هي انهن کان ڪهڙي ڳالهه جو بدلو وٺي رهيا آهن. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻي مان ڪڍي معاشي استحڪام طرف آندو ۽ هاڻي ملڪ ترقي جي راهه تي وڌي رهيو آهي، گذريل سال مهانگائي 32 سيڪڙو تي هئي، جيڪا هن سال 4 سيڪڙو تي اچي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڇا خيبرپختونخوا حڪومت جي ذميواري ناهي ته هو پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون ٺاهي؟ پوري ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿي رهيون آهن، ڪي پي ڪي ۾ ڇو نه ٿي رهيون آهن؟ پن??اب ۾ وزيراعليٰ مريم نواز صوبي جي عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهي آهي، ا?? جي مثبت پاليسي?? جي ڪري کاڌي پيتي جي شين جون قيمتون گهٽ ٿيون، جڏهن ته ڪي پي ڪي جي حڪومت مهانگائي ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ ڪي قدم نه کنيا، اسان کي نصيحتون ڪندڙ?? جي پنهنجي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. هن چيو ته خيبرپختونخوا حڪومت سمورين يونيورسٽين کي ايڇ اي سي مان ڪڍي وزيراعليٰ جي ماتحت ڪري ڇڏ??و، صوبي ۾ تعليمي شعبي کي تباهه ڪيو و??و، خيبرپختونخوا ۾ استادن کي پگهار نه ملي رهي آهي ۽ اهي رستن تي آهن. وفاقي وزير چيو ته خيبرپختونخوا ۾ ميڊيڪل ڪامپليڪس جو اسڪينڊل به سامهون آيو جتي غير قانوني مقرريون ٿيون، ڪي پي ڪي جي حڪومت ڪرپشن کي هٿي ڏيڻ کانسواءِ ڪجهه ناهي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته صوبائي حڪومت جو بنيادي ڪم امن امان کي برقرار رکڻ آهي، خيبرپختونخوا ۾ جيڪڏهن پوليس سڌارا ٿين ها ته اڄ اتي لاقانونيت نه هجي ها، ڇا صوبي جو امن امان قائم رکڻ فوج جي ذميواري آهي يا پوليس جي؟ خيبرپختونخوا ۾ پوليس ريفارمز ڪٿي نظر نه آيا جڏهن ته سياسي جلسن ۽ ڌرڻن ۾ 1122 جي گاڏين کي استعمال ڪيو و??و، ڳالهيون ۽ ڪاهه ڪرڻ سان عوام جو پيٽ نٿو ڀرجي. هن چيو ته ڪرم ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان تي دل ڏکويل آهي، جڏهن ڪرم ۾ باهه لڳي ته ان وقت سڀني کان وڌيڪ ڌيا?? جي ضرورت ڪرم کي هئي، پر خيبرپختونخوا جي حڪومت اسلام آباد تي ڪاهه ۾ مصروف هئي، اوهان پهرين پنهنجو گهر ٺيڪ ڪريو ها، پوءِ حملا ڪريو ها، خيبرپختونخوا حڪومت ڪرپش?? جي خاتمي ۽ مالياتي بي ضابطگي?? جي حوالي سان ڪي قدم نه کنيا. هن وڌيڪ چيو ته خيبرپختونخوا ۾ صحافين خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، صوبي ۾ ٽمبر مافيا سرگرم آهي، هنن وٽ ٽمبر مافيا اسڪينڊل ۽ فيڪ ڊرائيونگ لائسنس اسڪنڊل جو ڪو به جواب ناهي، مس گورننس، ڪرپشن ۽ مالياتي بدانتظامي جو انهن وٽ ڪو جواب ناهي، هنن 11 سال جي عرصي ۾ صوبي کي تباهي جي ڪناري تي بيهاري ڇڏيو آهي. عطا الله تارڙ چيو ته صوبي جو سڀ کان وڏو دشمن علي امين گنڊاپور ۽ سندس پارٽي ۽ پارٽي قيادت آهي، جيستائين اها صورتحال درست نه ٿيندي، خيبرپختونخوا جي عوام ۽ صوبو خوشحال نه ٿيندا. پي ٽي آءِ جي ايجنڊا ئي رياست کي ڪمزور ڪرڻ آهي. هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال معاشي حالتون وڌيڪ بهتر آهن، سڄي دنيا ۾ پاڪستا?? جي معاشي ترقي جي هدفن کي ساراهيو پيو وڃي، رياستن وچ ۾ لاڳاپا سفارتي قدرن تي ٻڌل هوندا آهن، پي ٽي آءِ جي سياسي نعريبازي ” اسان ڪي غلام آهيون“ کان شروع ٿي ۽ ختم ”اسا?? جي مدد ڪريو“ ته ٿي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته معاملا ڳالهين سان اڳتي وڌن، اسان سياسي ماڻهو آهيون، افهام و تفهيم تي يقين رکون ٿا. پي ٽي آءِ باني پنهنجي چونڊ مهم دوران جڏهن ڪنٽينر ??ان هيٺ ڪريو ته اسان پنهنجي اليڪشن مهم معطل ڪئي، سندس تيمارداري لاءِ وياسين، پي ٽي آءِ سياسي چالبازي ڇڏي، اسا?? جي ڪوشش آهي ته اسان پاڪستا?? جي عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪريون، اسان چاهيون ٿا ته ڳالهين سان معاملا اڳتي وڌن ۽ معاملا حل ٿين. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خيبرپختونخوا کي امن امان، صحت ۽ سمورن شعبن ۾ تعاون فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڳالهين جو مقصد ڪنهن کي ڍر يا اين آر او ڏيڻ ناهي پر ملڪ ۾ سياسي استحڪام آڻڻ آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پي ٽي آءِ سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي ٺهي چڪي آهي جيڪا ڳالهيون ڪندي.