اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئي آهي ته اهي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪر??ار ا??ا ڪن پر عوام کي حفاظتي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي پڻ ترغيب ڏين ته جيئن هر طبقي کي رليف ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته زميني حقيقتن خاص طور تي معاشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهستي آهستي نرمي ڪئي ويندي جڏ??ن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پي?? تيار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪر??ئڻ جي لاءِ عوامي نمائندا متحرڪ ڪر??ار ا??ا ڪن.