اسلام آباد – 31 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي آهي ته ڪوويڊ 19 کان بچاءُ لاءِ ٺاه??ل ايس او پيز ۽ گائيڊ لائينز تي عملدرآمد جي لاءِ مارڪيٽ ايسوسيئيشنز کي پاڻ سان گڏ شامل ڪيو وڃي. نيشنل ڪمان?? اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ۾ منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي ا??لاس ٿيو. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته دڪاندارن کي گهرجي ”نو ماسڪ نو سروس“ جي پاليسي کي سختي سان لاڳو ڪن. اسد عمر اين سي او سي کي هدايت ڪئي ته اهو معياري آپريٽنگ طريقيڪار (ايس او پيز) کي سختي سان لاڳو ڪن??ي لاڪ ڊائون کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ منصوبي تي ڌيان ڏي.