اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي پهچي ويو ۽ هن پنهنجون ذميدا??يو?? سنڀالي ورتيون، قومي اسيمبلي جي س??ڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن اسپيڪر کي 5 جون تي شروع ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي انتظامن جي حوالي سان بريفن?? ڏني، اسپيڪر اجلاس جي انتظامن کي وڌ??ڪ موثر بڻائڻ لاءِ هدايتون ڏنيون آهن.