اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسبين کي سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ ملڪ جي ڏورانهن علائقن تائين رسائي وڌائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته موجوده قانون ۾ ترميم ڪري محتسب جي اداري کي وڌيڪ موثر بڻ??يو ??ڃي?? محتسب جا ادارا پنهنجو رڪارڊ ڊجيٽلائيز ڪن ۽ جديد ترين ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻ??ئين، سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ وفاقي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي لاءِ ميڊيا مهم هلائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وفاقي محتسبين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.