اسلام آباد – 09 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان س??ري چيو آهي ته پاڪستان اسلام جو هڪ مضبوط قلعو آهي ۽ جاگرافيائي بيه?? جي ڪري اسلامي دنيا ۾ هڪ اهم مقام رکي ٿو، پاڪستاني نوجوانن کي الله تعاليٰ بي پناهه صلاح??تن سان نوازيو آهي ۽ هو مل?? جي تقدير کي بدلائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلامي يونيورسٽي اسلام آباد ۾” پاڪستان۾ هڪ پرامن ۽ جامع معاشرو، چئلينجز ۽ موقعا“ جي عنوان سان منعقد ٻن ڏينهن واري ڪانفرنس جي پڄاڻي واري اجلاس ??ي خطاب ڪندي ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته پاڪستاني قوم بردبار، روادار ۽ پرامن قوم آهي ۽ مشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جهڙي طرح هڪٻئي جي مدد ڪندي آهي اها واکاڻ جوڳي آه??، هن چيو ته ڪووڊ -19 جي وبا جي دوران پاڪستاني عوام جنهن حوصل??، همت ۽ صبر سان ان وبا جو مقابلو ڪيو اهو دنيا جي لاءِ هڪ مثال آه??، هن چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ امن جو قيام ضروري آه??، هن چيو ته دنيا ۾ امن ۽ برداش?? جي پيغام کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ تعليمي ۽ تحقيقي ادارن جو ڪردار انتهائي اهميت رکندڙ آهي.