اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته خيبرپختونخوا صوبي کي الله تعاليٰ بي پناهه قدرتي حسن ۽ سياحتي ماڳن سان نوازيو آهي، انهن مقامن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ بنيادي سهولتن جي ف??اه??ي سان صوبي ۾ سياحت کي فروغ حاصل ٿيندو. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن صوابي ۾ راندين ۽ سياحت جي فروغ جي لاءِ ٿيندڙ جائزي اجلاس ??ي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي اسپورٽس جي ڊائريڪٽر جنرل، ڪي پي ڪي جي سياحت جي ايم ڊي ۽ ڊپٽي ڪمشنر صوابي سم??ت لاڳاپيل کاتن جي سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي.